قاضي محمد دائود ٽکڙائي

قاضي محمد دائود ٽکڙائي : حافظ حاجي ”حامد“ جو ٻيو نمبر فرزند، محمد دائود، اٽڪل 1286هه/ 1869ع ڌاري اڳينءَ ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. حافظ صاحب کي وفات کان ٿورو اڳ جيڪي زماني جون گردشون آيون، تن جو اثر سندس رحلت کان گھڻو عرصو پوءِ به سندس اولاد تي رهيو. گذر اوقات لاءِ هر ڪنهن پٽ پنهنجو پنهنجو طريقو اختيار ڪيو. مرحوم محمد دائود سنڌي توڙي پارسي وغيره ۾ چڱي تعليم حاصل ڪئي هئي. پنهنجي خداداد همت ۽ دليريءَ ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتي ٿيو، جتي پنهنجي محنت ۽ جانفشانيءَ سان ستن سالن جي قليل عرصي ۾ ڪنسٽيبل جي معمولي عهدي تان ترقي ڪري سب انسپيڪٽريءَ جي عهدي تي فائز ٿيو. گورنمينٽ ملازمت جي باوجود، سا به پوليس جي نوڪري، علمي شغل، جو سندس خاندان ۾ پشت به پشت هلندو پئي آيو، تنهن کان هٿ نه ڇڏايائين. جيتوڻيڪ پنهنجي وڏي ڀاءُ ”مخلص“ جي ڪڙيءَ تي ڪڏهن به نه اچي سگھيو. نثر ۾ ”مومن“ ٽکڙائيءَ جي نالي سان، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا هئا. شعر ۾ ڪن ٿورن نظمن ۾ ”مومن“ باقي ٻين ۾ ”دائود“ تخلص اٿس. سندس ڪلام ڪو گھڻو ڪونه آهي. جيڪو ڪلام اٿس سو نهايت سادي، سليس ۽ دلپسند سنڌيءَ ۾ آهي. چند غزل پارسي آميز به اٿس. دائود سنڌي ڏوهيڙا به چيا آهن، جن ۾ چڱو رس آهي. ٻين عشقيه غزلن سان گڏ، ”سهڻي ميهار، ”سسئي پنهون“، ”ليلا چنسير“، ”عمر مارئي“ وغيره تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس بياض ”لحن دائود“ جي نالي سان سندس فرزند محمد خان ”غني“ وٽ موجود آهي. سندس طبيعت نهايت سادي هئي. سڀ ڪنهن امير خواهه غريب سان خنده پيشانيءَ سان پيش ايندو هو. ”دائود“ صاحب 19 مارچ 1937ع ۾، خميس جي ڀلاري ڏينهن، اٽڪل 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.00.00  عيسوي

محمد دائود اٽڪل 1286هه/ 1869ع ڌاري اڳينءَ ٽکڙ ۾ تولد ٿيو


1937.03.19  عيسوي

محمد دائود صاحب 19 مارچ 1937ع ۾ ، خميس جي ڀلاري ڏينهن ، اٽڪل 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعدالله مفتي
دارو جي راجا
الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر
سلطان محمد مهردار
سيد صالح شاهه نئنگ وارو
حاجي علي شاهه هنڱورو
ٽوانا
هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي
فاضل راهو
نواب احمد خان لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون